پٿوري جو مدرسو

پٿوري جو مدرسو: ميران جي مقام ويجهو اولهه طرف پٿوري جي مدرسي جي پراڻي ۽ شاندار عمارت آهي، جيڪا هن خطي جي سخي مرد وڏيري ”ڪانڀو خان شوري“ جي تعاون سان انگريز سرڪار ٺهرائي هئي، جتي پهرين وڏن زميندارن جي ٻارن لاءِ هاءِ اسڪول قائم ڪيو هو، جيڪو ڪافي سال هليو، جڏهن اهو اسڪول اتان کڄي ويو ته ان خطي جي مشهور سخي مرد خانصاحب ”سائينداد خان شوري“ انهيءَ بلڊنگ ۾ مدرسو ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جنهن جو سمورو خرچ پاڻ ادا ڪندو هو.هيءُ مدرسو پنهنجي دور جو بهترين ادارو هو، جنهن کي وڏي درسگاهه جي حيثيت ڏيارڻ خاطر سائينداد خان شوري مدرسي لاءِ 503 ايڪڙ زمين وقف ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ڏاڍن جي ور چڙهي وئي ۽ آخر وڃي اوقاف کاتي حوالي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو